SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


World Law

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wəːld
  • lɔː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

World Law

ورلڊ لا

عالمي قانون

هيءُ اصطلاح راويتي رياستي معاملن ۽ تڪرارن کي طئي ڪرڻ لاءِ جوڙيل موجوده بين الاقوامي قانون کان مُختلف طريقي سان دُنيا کي ڏسڻ ۽ جديد سماجي قدرن جي پسمنظر ۾ دُنيا جي ڪاروهنوار جا اصول مقرر ڪرڻ واري طريقي جي نشاندهي ڪري ٿو. هي پرياءُ ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ آيل تبديلين کي ذهن ۾ رکندي متعارف ڪرايو ويو ۽ اهو دُنيا جي قومن کي ڌار ڌار حيثيت بدران هڪ عالمي برادريءَ واري نظريي سان بيان ڪري ٿو. انهيءَ بين الاقوامي قانوني پرڀاءَ جي وڪيلن مان مشهور ’ڪروبي‘ (Crobbet) نالي سماجي سائنسدان آهي. سندس هم خيالن جو چوڻ آهي ته عالمي قانون چئن حوالن سان بين الاقوامي قانون کان مختلف آهي: 1. قانون جي موضوعن ۾ رڳو رياستون نه پر فرد ۽ گروهه به شامل سمجهڻ کپن، ڇاڪاڻ جو منجهن سگهه جو دائرو، سياسي ۽ فوجي اهميت ڪيترين رياستن کان وڌيڪ آهي. 2. قانون جي دلچسپيءَ جو دائرو سياسي ۽ فوجي معاملن کان اڳڀرو ٿي هاڻي معاشي، سماجي، ماحولياتي ۽ رابطائي معاملن تائين ڦهلجي چڪو آهي. 3. قانون جا ذريعا (Resources) رڳو قومن ۽ رياستن تائين برادرين ۽ گروهن تائين وڌي چُڪا آهن. 4. بين الاقوامي قانون جي ذميواري رڳو قانون جون باريڪيون بيان ڪرڻ ۽ قاعدا ٻڌائڻ کان وڌيڪ پاليسي ساز قانون جي علم ۽ مهارت سان سلهاڙجي چُڪي آهي، گهڻي قدر آمريڪا سان واسطو رکندڙ هن فڪر جي ماهرن جو خيال آهي ته اها تبديلي نه رڳو حقيقت کي بيان ڪري ٿي، پر قانوني حوالن سان پڻ ترقيءَ ڀريو خاڪو به پيش ڪري ٿي. هيءُ اصطلاح ”عالمي حڪومت“ واري تصور جي لاءِ ”امڪاني قانوني سرشتي“ واري حيثيت جي به دعوي ڪري ٿو. ان هوندي به قانون بابت روايت پسند هن تصور کي رد ڪندي غيرضروري ۽ وقت کان اڳ واري ڳالهه سمجهن ٿا


Remember Me Also:

اسي

صفت. [سن. اَشيتَ] هڪ عدد ٨٠ ، چار ويهون. [سن. اَسِ] ترار ، ڪاتي ، ڇُري جانورن ڪُهڻ لاءِ. ڪوڏر يا ڪهاڙيءَ جي اندر پاکي ۾ لڳندڙ ڳنڍ. ڪاٺ جي چيريل ڦتي. ڀت ۾ ڦوٽ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal